پٽ سليمان وارو مقام

پٽ سليمان وارو مقام: هي مقام ديهه پٽ سليمان- 3 تپي بکر شھيد تعلقي جوھي، ضلعي دادوءَ ۾ آهي. ھن قبرستان ۾ خاص اڏاوت واريون رانڪون گنبذ سان ٺهيل آھن، جيڪي لنڊ قبيلي سان واسطو رکن ٿيون. سليمان لنڊ ھن قبيلي جو مشھور شخص ٿي گذريو آھي. رانڪن تي ٻيڙ ٻنا ۽ برجيون ٺھيل آھن. رانڪن جي ڪنڊن تي به برجيون ٺھيل آھن. ونگن وارا پانيل، ونگن تي راسون وغيره نڪتل آھن. ڳچ (Neck) گھڻو ڪري اٺڪنڊو ٺھيل آھي، جنھن جي مٿان گول گنبذ ٺاھيو ويو آھي، ان جي مٿان ڪلسو ڏنل آھي. ھي مقبرن جو ميڙ جوھيءَ کان اٽڪل 13 ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي اولهه ۾ آھي. ھي مقام ستن ايڪڙن تي ڦھليل آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو


مقام - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پٽ سليمان وارو مقام
مقام ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون